اسلام آباد – 13 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قيدين جي ??زائن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو. آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي سزائن ۾ گهٽتائي آئين جي ??رٽيڪل 45 تحت ڏني وئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جا??ي بيان موجب جيلن ۾ رهندڙ قيدين جي ??زائن ۾ پنجين حصي جي گهٽتائي ڪئي ويندي. صدر 65 يا ان کان وڏي عمر جي مرد قيدي جيڪي 15 سا?? يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪا آهن ا??هن جي لاءِ باقي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو آهي. 60 سا?? يا ان کان وڏي عمر جون عورتون جيڪي 10 سا?? يا ان کان وڌيڪ قيد ڪاٽي چڪيون آهن جي لاءِ باقي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان پڻ ڪيو آهي. قيد جي ??زا جو ٽي ڀاڱي چوٿون حصو ڪاٽيندڙ قيدين جي ??زا تي مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. 20 سا?? جي قيد مڪمل ڪندڙ قيدين جي ??زا ۾ مڪمل ڇوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سزائن ۾ گهٽتائي جو اطلاق موت جي ??زا، جاسوسي، گينگ ريپ، بئنڪ ڌاڙي، رياست مخالف سرگرمين، زنا، اغوا ۽ ڌاڙي جي ڏوهارين تي نه هوندو.