آمريڪا اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ بند ڪري : چين

image

بيجنگ-17 نومبر(اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ بند ڪري. روس جي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق چين جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌايو آهي ته چين ۽ آمريڪا جي ناتن ۾ تائيوان جو مسئلو هميشه سڀ کان اهم رهيو آهي. هن چيو ته آمريڪا اسان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ۽ تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ بند ڪري ۽ چين جي پرامن اتحاد جي حمايت ڪرڻي پوندي.

مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II