اسلام آباد-01 جنوري (اي پي پي)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ڊسمبر ۾ 1328 ارب روپين جو محصول وصول ڪيو. اها ڳالهه ناڻي واري وزير جي صلاحڪار شهز??د پنهنجي بيان ۾ چئي. هن چيو ته ڊسمبر لاءِ مقر?? ڪيل هدفن جو 97 س??ڪڙ?? حاصل ڪري ورتو آهي. جون 2024ع کانپوءِ ايف بي آ?? پهريون ڀيرو وصوليون ڪيون آهن، جون ۾ 1190 ارب روپين جو محصول وصول ڪيو هو. هن چيو ته ايف بي آر ڊسمبر 2024ع ۾ 70 ارب روپيا ري فنڊ جاري ڪرڻ باوجود وڌيڪ وصوليون ڪيون، گذريل سال ڊسمبر ۾ ري فنڊ جي مد ۾ 38 ارب روپيون جون ادائيگيون ڪيون ويون هيون. جاري مالي سال جي پهرين 6 مهينن ۾ ايف بي آر مجموعي طور تي 5.625 ٽريلين روپيون جو وصوليون ڪيون، جيڪي ان مدي جو مجموعي هدف جو 94 س??ڪڙ?? آهي. هن چيو ته جي ڊي پي جي تناسب سان ٽه ماهي بنيادن تي ٽيڪسن جي شرح 10.8 س??ڪڙ?? آهي، جڏهن ته آءِ ايم ايف جو هدف 10.6 س??ڪڙ?? مقر?? ڪيو ويو هو، جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جو هدف چار سالن جي بلند ترين سطح تي آهي.