اسلام آباد– 26 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري سائرس سجاد قاضي اسلام آباد ۾ روسي فيڊريشن جي سفارتخاني جو دورو ڪي?? ۽ ماسڪو ۾ دهشتگرد حملي ۾ قتلام تي پاڪستان پاران روسي عوام ۽ حڪومت سان تعزيت جو اظهار ڪي??. پرڏيهي آفيس موجب ان موقعي تي سفارتخاني ۾ تعزيتي ڪتاب تي پنهنجا تاثر لکندي پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستان پاران ماسڪو ۾ دهشتگردي جي واقعي جي شديد مذمت جو ورجاءُ ڪي?? ۽ قومي ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ روس سان يڪجهتي جو اظهار ڪي??.