اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وبا جي حوالي سان ڪافي بهتري آئي آهي، جنهن جي ڪري مارڪيٽون، مالز، پبلڪ ٽرانسپورٽ، ريسٽورانٽس، سئنيما گهر، ٿ??ٽر??، جمز ۽ پبلڪ پارڪس 10 آگسٽ ??ان کوليا ويندا، تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کوليا ويندا، 7 سيپٽمبر تي آخري ريويو ڪنداسين، ميرج هالز کي 15 سيپٽمبر تي کوليو پيو وڃي. اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ۾ هن چيو ته 7 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ جو حتمي جائزو ورتو ويندو. وفاقي وزير چيو ته اجلاس ۾ 8 آگسٽ ??ان سياحتي علائقن جي هوٽلز کوليون وينديون، ان کانسواءِ 10 آگسٽ ??ان جمز، ٿ??ٽر?? ۽ سئنيما هالز پڻ کوليا ويندا جڏهن ته ڪٻڊي، ملهه ۽ رگبي کانسواءِ ٻين راندين جي اجازت ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته موٽرسا??يڪ?? جي ڊبل سواري ۽ مارڪيٽون ڇنڇر ڏينهن بند رکڻ جي پابندي ختم ڪئي پئي وڃي. واپاري پراڻي طريقيڪار موجب دڪانون کولي س??هن ٿا. هن چيو ته 15 سيپٽمبر کان شادي هالز کولي س??هجن ٿا. پبلڪ ٽرانسپورٽ کي پڻ کوليو پيو وڃي. ميٽرو بسن ۾ بيهي سفر ڪرڻ جي اجازت نه هوندي. ايڪسپو هالز ۽ بيوٽي پارلرز 10 آگسٽ ??ان کوليا پيا وڃن جڏهن ته مزارن کي پڻ کوليو پيو وڃي. جڏهن ته صوبائي انتظاميا کان عرس جي اجازت وٺڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر عوام کي زندگي بحال ڪرڻ سان گڏوگڏ اها تنبيهه به ڪئي ته جن ملڪن ۾ ڪورونا ختم ??يو، اتي ٻيهر ڪيسز سامهون آيا، خطرو اڃا ختم ??اهي ٿيو، احتياط لازمي ڪرڻي پوندي. وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ريسٽورانٽس ۾ ٻاهر ۽ اندر ويهڻ جي اجازت هوندي. هوٽلز به شادي جا فنڪشن ڪري س??هن ٿا. هن چيو ته موٽرسا??يڪ?? تي ڊبل سواري جي پڻ اجازت هوندي.