اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ ??ور??يت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، انهن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ج??ڙڻ?? پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ تعميرات ۽ زرعي شعبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل ??ور??يت طبقي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏ?? انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن ک?? ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي ??ور??يت طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ڪيو.