لاڙ??اڻ?? – 17 جون (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڙ??اڻ?? ۾ احساس ايمرجنسي ??يش ڊسٽريبيوشن سينٽر جو دورو ڪيو. سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل ۽ خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس ايمرجنسي ??يش پروگرام تحت سنڌ ۾ 60 ارب رپيا ورهايا پيا وڃن، سنڌ جي 50 لک خاندانن کي احساس ??يش ڏنو پيو وڃي. وزيراعظم جي هدايت موجب احساس ??يش پروگرام ۾ سنڌ جو حصو 22 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آهي ته جيئن اهي خاندان فائدو کڻي سگهن جيڪي مستحق ۽ ضرورتمند آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته رڳو لاڙ??اڻ?? جا هڪ لک 50 هزار خاندا?? احساس ??يش جي سهولت مان فائدو کڻندا. انهن هڪ لک 50 هزار خاندانن مان هيستائين هڪ لک 15 هزار خاندانن کي مدد ڏني وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته احساس ايمرجنسي ??يش پروگرام تحت رڳو لاڙ??اڻ?? ۾ 2.2 ارب رپيا مستحق خاندانن ۾ ورهايا ويندا. لاڙ??اڻ?? ۾ ??يش ڊسٽريبيوشن جي لاءِ 36 سينٽر قائم ڪيا ويا آهن.