اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن کي هدايت ڪئ?? آهي ته اهي مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ نه رڳو عوام کي رليف ڏيڻ جي ڪوششن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن پر عوام کي حفاظتي تدبيرون اختيار ??رڻ جي پڻ ترغيب ڏين ته جيئن هر طبقي کي رليف ڏيڻ کي يقيني بڻائي سگهجي ۽ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي موثر طريقي سان روڪي سگهجي. وزيراعظم عمران خ??ن چيو ته زميني حقيقتن خ??ص طور تي معاشي حالتن ۽ عام ماڻهو جي مسئلن کي نظر ۾ رکندي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ لاڪ ڊائون ۾ آهستي آهستي نرمي ڪئ?? ويندي جڏهن ته هر شعبي جي لاءِ حفاظتي قدمن تي ٻڌل ٺوس ايس او پيز تيار ڪيا ويا آهن جن تي عملدرآمد ڪرائڻ جي لاءِ عوامي نمائندا متحرڪ ڪردار ادا ڪن.