سيالڪوٽ – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاسق اعواڻ سيالڪوٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪورونا ۽ مع??شي مشڪلاتن کي هڪ ئ?? وقت منهن ڏئي رهيو آهي، وزيراعظم سمجهي ٿو ته جيڪڏهن معيشت جو ڦيٿو هلندو ته مزدور جو چلهو ٻرندو، هن چ??و ته رمضان مهيني کان اڳ ننڍن دڪاندارن جي لاءِ حڪومت پئڪيج جو اعلان ڪندي. خاص مددگار جو چوڻ هو ته موجوده ص??رت??ال مان ناجائز فائدو کڻندڙن جي خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪي ضرورتن ۽ عالمي ص??رت??ال کي نظر ۾ رکندي وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ خريد ڪنداسين، حڪومت ڪڻڪ خريداري جي لاٰ 280 ارب رپين جي رقم رک?? آهي.