ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٻن ڏينهن جي دوري تي ڪوئيٽا په??ي وئي آهي، خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ جو بلوچستان اسيمبلي ??ي ڊپٽي اسپيڪر سردار بابر خان موسيٰ خيل، صوبائي اسيمبلي ميمبر مبين خان خلجي، بلوچستان حڪومت جي ترجمان لياقت شاهواڻي، پي ٽي آءِ جي صوبائ?? اڳواڻ سردار يار محمد رند جي پٽ سردار خان رند ۽ بابر يوسفزئي سميت ٻين اڳواڻن ڪوئيٽا ايئرپورٽ تي استقبال ڪيو.