اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) حڪومت جي قانوني ٽيم ۽ وزيراعظم جي خصوصي معاونن آرمي چيف ??ي ملازمت ??ي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي آئين، قانون ۽ جمهوريت جي سوڀ قرار ڏيندي چيو آه?? ته ان سان قومي ادارن ۾ اس??حڪام پيدا ٿيو آهي، حڪومت جمهوريت، آئين ۽ قانون سان گڏ بيٺل آهي، عدليه ۽ فوج اس??ن جا ادارا آهن، انهن تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، عدليه ڪا به سمري رد ناهي ڪئي، عدالت قانوني نڪتا اٿاريا ان جي ڏس ۾ اس??ن نوٽيفڪيشن ۾ تبديل??ون ڪ??ون ۽ نئون نوٽيفڪيشن عدالت تسليم ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر، وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، اٽارني جنرل انور منصور خان ۽ قانون واري اڳوڻي وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.