تل ابيب -24 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته غزه کي ڪنهن به صورت فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، اتي جنگ جاري رهندي ۽ لبناني سرحد تي پڻ جلد اسرائيل?? فوج ٻيهر مقرر ڪئي ويندي. بي بي سي مطابق اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته غزه جي ڏکڻ وا??ي علائقي رفح ۾ جنگ جو شديد مرحلو ختم ٿي چڪو اهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ وا??ي آهي. اها جنگ جاري رهندي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي سرحد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسرائيل?? فوج جلد ئي ان سرحد تي پنهنجي جٿن کي ٻيهر مقرر ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيل جي وزيراعظم ان خيال کي به رد ڪيو ته غزه جو انتظام اولهندي ڪناري ۾ قائم فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪيو وڃي. هن چيو ته هو غزه ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ يا ان کي فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو خطي جي اڪثر ملڪن سان گڏجي غزه ۾ هڪ سول انتظاميه قائم ڪري وٺندا.