اسلام آباد – 13 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته تبديلي جي رستي ۾ ”اسٽيٽس ڪو“ سان چنبڙيل ماڻهو رڪاوٽ آهن، رشوت ۽ ڪرپشن وارا ملڪ ڪڏهن ترقي نه ٿا ڪري سگهن، ايندڙ گرمين جي موسم تائين سمورين وزارتن کي اي گورننس تي آڻڻ جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، ايف بي آر جي نظام کي جولاءِ تائين مڪمل ڊيجيٽلائيز ڪيو ويندو، جتي قيادت ڪرپٽ ٿي وڃي ته معاشري ۾ بدعنواني کي برائي نه ٿو سمجهيو وڃي، پ??ڪس??ان ۾ اشرافيه جي رهڻي ڪهڻي جو طريقيڪار ڏسي نه ٿو لڳ?? ته اهي غريب ملڪ جا شهري آهن. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي تحت اي بڊنگ، اي بلنگ ۽ جي آءِ ايس ميپنگ شروع ڪرڻ واري تقريب کي وزيراعظم عمران خان خاص مهمان طور خطاب ڪري رهيو هو. وزيراعظم تقريب کي خطاب ۾ اين ايڇ اي ۽ مواصلات واري وزارت کي خراج تحسين پيش ڪن??ي چيو ته ملڪ ڊيجيٽلائيزيشن طرف وڃي رهيو آهي ۽ اهو ئي نئون پ??ڪس??ان آهي، دنيا ڊ??جيٽلائيزيشن طرف وڃي رهي آهي، مستقبل انهي جو آهي، ان سان شفافيت ايندي، جي آءِ ايس سان جدي?? ٽيڪنالاجي ذريعي مانيٽرنگ ٿي سگهندي.