اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم مچ سانحي جي دل ڌوڏيندڙ واقعي تي ڏکويل آهي، وزيراعظم عمران خان سانحي جي پ??نئيرن سان ڏک جو اظهار ڪندي هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان آگاهه ڪيو، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان ۾ بي يقيني، مايوسي ۽ خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن?? جڏهن ته ??ڪومت لاڳاپيل قومي سلامتي جي ادارن سان گڏجي شرپسند عنصرن جو پيڇو ڪندي ته ??يئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان جو ڪوئيٽا جو دورو اهم هو، هن مچ سانحي جي متاثرين سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، وزيراعظم عمران خان هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان به آگاهه ڪيو ۽ انهن کي ٻڌاي?? ته سانحي ۾ پرڏيهي عنصر ملوث آهن جڏهن ته هن مشڪل وقت ۾ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يقين ڏياري?? ته حڪومت انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪندي.