اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) موبائيل ڊيوائس مينوفيڪچرنگ ۽ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري ڏيندي مقامي سطح تي موبائيل فون جي تياري جي شعبي جي حوصلا افزائي جي لاءِ ريٽيلرز جي لاءِ مينوفيڪچرنگ تي 4 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ان کانسواءِ مقامي طور تي موبائيل فونز جي تياري تي سيلز ٽيڪس کي ختم ڪرڻ جي اصولي منظوري پڻ ڏني وئي جنهن جي لاءِ طريقيڪار ناڻي واري وزارت سان ??شاورت کانپوءِ طئي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وزارت پاران ??رض وٺڻ جي نئين پاليسي 2020ع پيش ڪئي وئي. ان کانسواءِ اجلاس عالمي فنانس ڪارپوريشن پاران ??اڪستاني رپئي سان ??اڳيل بانڊ جاري ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪراچي ٽرانسفارميشن پلان جي ايجنڊا کي اي سي سي جي ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪيو ويو. ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ ٿيو.