اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته صبح 8 وڳي کان پي ٽي وي ٽيلي اسڪول نشريات جي باقاعده شروعات ڪري ڇڏ?? آهي، تعليم ۽ اطلاعات واري وزارت جي حصيداري سان شروع ڪيل اهو منصوبو وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ تعليم جي فروغ جي ويزن جو مظهر آهي، ڪورونا و??ا جي ڪري ٻارن جو تعليمي عم?? معطل آهي، هن چينل ذريعي گهر ويٺل ٻار ۽ ٻيا شاگرد تدريسي عم?? مان فائدو کڻندا، نشريات جو وقت صبح 8 کان شام 6 وڳي تائين هوندو.