دوحا – 27 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني سان قطر جي دي??ان اميري ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سمنڊ پار پاڪستانين بابت وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري به وزيراعظم سان گڏ هئا. دي??ان اميري اچڻ تي قطر جي امير وزيراعظم ۽ سندس وفد جي آجيان ڪئي، ان کان اڳ قط?? پهتو ته توانائي واري وزير سعد شريده الڪعبي وزيراعظم ۽ سندس وفد جو استقبال ڪيو.