اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام کي رليف ڏيڻ جي لاءِ بنيادي ضرورتن جي ??ين جي قيمتن ۾ استحڪام ۽ انهن ۾ ممڪن حد تائين گهٽتائي آڻڻ حڪومت جي ??ولين ترجيح آهي، هن هدايت ڪئي ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ٻين ضرورت جي ??ين جي ذخيري جا حقيقي تفصيل ۽ طلب ۽ پهچ جي ح??الي سان صحيح ڪاٿن تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن بنيادي شين جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اڳواٽ انتظام ڪري سگهجن، اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي جي ح??صلا شڪني ۽ روڪٿام تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، صوبائي حڪومتون ڪڻڪ جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي ح??الي سان تجويزن تي فوري طور تي غور ڪن ته جيئن ان جو باقاعده اعلان ڪري سگهجي. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن بنيادي ضرورتن جي ??ين جي قيمتن جي ح??الي سان جائز?? اجلاس جي ??دارت ڪندي ڪيو.