بيجنگ -14 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي 76هين يوم آزادي جي موقعي تي 14 آگسٽ تي بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ جهنڊي ڦڙ??ائڻ واري پروقار تقريب منعقد ٿي. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي وئي. جنهن کان پوءِ پاڪستان جي صدر ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. چين جي ميڊيا مطابق صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علي پنهنجي پيغام ۾ پاڪست??نن جي بانين ۽ پاڪستان تحريڪ جي ڪارڪنن جي قربانين تي خراج عقيدت پيش ڪندي اهل وطن کي چيو ته هو معاشري جي پٺتي پيل طبقن جي ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪن، جمهوريت، آزادي، برابري جي پاسداري ڪن. پنهنجي پيغام ۾ محمد شهباز شريف قائداعظم کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ قوم جي تعمير ۾ ڪردار ادا ڪندڙن جي جدوجهد کي ساراهيو. چين ۾ مقرر سفير معين الحق پاڪستان جي 76هين يوم آزادي تي اهل وطن کي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن ۽ اڳواڻن ننڍي کنڊ ۾ هڪ آزاد ۽ خودمختيار مسلم رياست جو نه رڳو تصور پيش ڪيو پر محنت ۽ جدوجهد سان ان جو قيام به ڪيو. هن چيو ته اسان اهم ڏينهن تي اسان سڀني کي عزم ڪرڻ گهرجي ته اسان ملي وڌيڪ خوشحال ۽ متحد پاڪستان جي تعمير لاءِ پرعزم رهون. هن چيو ته هي سال پاڪ چين لاڳاپن جي حوالي سان نه??يت اهم سال آه??. اسان پاڪ چيڪ اقتصادي راهداري جي 10هين سالگره به ملهائي رهيا آه??ون ان سان گڏوگڏ هي سال چين ۽ پاڪستان وچ ۾ سياحتي مٽاسٽا جو سال به آه??. تقريب ۾ قومي تراني جي ڌن تي پاڪستان جو جهنڊو ڦڙ??ايو ويو، تقريب ۾ پاڪستاني برادري جي وڏي انگ، چيني دوستن، ميڊيا ۽ دوست ملڪن جي سفارتخ??نن جي عملدارن به شرڪت ڪئي.