اسلام آباد – 08 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور عوام جي عملي خدمت ڪرڻ آهي، سرڪاري ادارن کي هر صورت عوام جي خدمت جو پابند بڻايو وڃي، گورننس سسٽم جي بهتري عوام ۽ سرڪاري ادارن جي وچ ۾ بهتر رابطن س??ن مشروط آهي، وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب سرڪاري ادارن، کاتن تائين ڪمزور طبقي جي پهچ وڌيڪ آسان بڻائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، پاڪستان س??يز?? پورٽل شهرين جي حصيداري گورننس جي فروغ لاءِ قائم ڪ??و ويو آهي ته جيئن ماڻهن جي مسئلي جي حل لاءِ سرڪاري ادارا موثر خدمتون فراهم ڪري سگهن، وزيراعظم جي هدايت تي ملڪ جو سڀ کان وڏو شڪايتن جو نظام مڪمل فعال ٿي ويو آهي، سڀني صوبن ۾ س??يز?? پورٽل تي آفيسرن جا 8 هزار 864 ڊيش بورڊز کي ذميداري س??نپي وئي آهي، جيڪو وزيراعظم عمران جو ڪمزور ۽ بي س??ارا ماڻهن لاءِ هڪ و??و قدم آهي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم آفيس سڄي ملڪ جي 8 هزار 884 کان وڌيڪ سرڪاري آفيسن، سڀني وفاقي س??ڪريٽريز، چيف سيڪريٽريز ۽ آءِ جيز کي خط جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت سرڪاري آفيسرن کي پنهنجي ڊيش بورڊ کان ڪمزور طبقي جون شڪايتون داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي ۽ خاص طور بزرگ شهرين، بيواهه عورتن، معذور ماڻهن جي س??ولت لاءِ خصوصي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.