اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ نئون اسپورٽس ميپ تربيت ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ضلعي سطح تي ٽيلينٽ هنٽ ۽ مقابلا سازي جي لاءِ تنظيمي ڍ??نچ?? جي نئين سر جوڙجڪ ضروري آهي، قومي ۽ روايتي راندين ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪندڙ رانديگرن جي حوصلا افزائي ٿيڻ گهرجي. هو هتي ملڪ ۾ راندين جي فروغ جي لاءِ قدمن جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سينئر آفيسر اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ??نگ موجب بين الصوبائي رابطن واري وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا وزيراعظم کي پاڪستان اسپورٽس بورڊ ۾ وزيراعظم جي ملڪ ۾ راندين جي فروغ، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ ج?? ويزن جي روشني ?? نئين سر تنظيم سازي جي لا??ِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪندي چيو ته پاڪستاني اسپورٽس بورڊ جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي آهي ۽ پيشيوراڻي مينيجمينٽ ڪنسلٽنٽس جي سفارشن جي روشني ?? نئون تنظيمي ڍ??نچ?? جوڙيو پيو وڃي، بين الصوبائي رابطن واري وزير اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهرن ۾ ڪوچنگ سينٽرز ۾ راندين جي انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين سهولتن جي بحالي، اداري جي اسپيشل آڊٽ ۽ انتظامي معاملن ۾ گذريل ٻن سالن ۾ نمايان بهتري جي حوالي سان قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته غير ضروري خرچن ۾ نماين گهٽتائي، سفارشي ڪلچر جو خاتمو، ميرٽ ۽ شفافيت کي يقيني بڻايو ويو آهي، انهن قدمن جي نتيجي ۾ پاڪستان اسپورٽس بورڊ جي منافعي ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ مستحق رانديگرن کي گرانٽس جي مد ۾ مالي مدد فراهم ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڪووڊ 19 جي مدد به شامل آهي