اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿ??و جنهن ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين ??لامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ دفاع وارو وزير پرويز خٽڪ، چيئرمين ??وائنٽس چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل نديم رضا، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر جاويد باجوه، چيف آف نيول اسٽاف ايڊمر?? ظفر محمود عباسي، چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان ۽ ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز انٽيليجنس ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد اجلاس ۾ شرڪت ??ئي?? اجلاس ۾ ملڪ جي اندرئين ۽ ٻاهرين ??لامتي جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته پاڪستان جي خودمختياري جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.