اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ ??اص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آ??ي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پ??ڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا ۽ سنڌ ??اص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي وفاقي منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.