اسلام آباد – 29 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جيلن ۾ قيدي عورتن جي حالت زار جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊ??ا ونگ طرفان جاري بيان موجب اها ڪميٽي انساني حقن واري وفاقي وزير جي سربراهي ۾ قا??م ڪئي وئي آهي جڏهن ته انساني حقن واري وزارت جو سيڪريٽري ڪميٽي جو سيڪريٽري هوندو، ڪميٽي ۾ گهرو سيڪريٽري، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جا هوم س??ڪريٽريز، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي جيل کاتي جا آئي جيز شامل هوندا.