ميانوالي – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا جي پهرين فلاحي رياست حضرت محمد صه ??ديني ۾ ٺاهي هئي جيڪا پوري دنيا ۾ بهترين ماڊل آهي، جن ملڪن به انهن اصولن تي عمل ڪيو انهن ترقي ڪئي، زندگي جو مقصد ۽ موت جو جواب ڪا سائنس ناهي ڳولي سگهي پر ان جو جواب مذهب ۾ اسان جي لاءِ نبي صه جي زندگي عملي نمونو آهي، جنون ۽ صلاحيت جي مقابلي ۾ فتح سدائين جنون جي ٿيندي آهي، مشڪل وقت سدائين سيکارڻ جي لاءِ ايندو آهي جيڪڏهن پ??هنجي غلطين مان سبق سکي وٺون ته اسان ترقي جي رستي تي گ??مزن ٿي سگهون ٿا. هو نمل يونيورسٽي جي ستين يوم تاسيس جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.