مظفرآباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سيد عبدالله گيلاني ۽ سيد ??يض نقشبندي جي قيادت ۾ آل پارٽيز حر??ت ڪانفرنس جي وفد مظفرآباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ عبدالمجيد ملڪ، سيد اعجاز رحماني، شيخ محمد يعقوب، عبدالمجيد مير، شيخ عبدالمتين ۽ جاويد اقبال بٽ شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ڪشمير معاملن وارو وزير علي امين گنڊاپور، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين سيد فخر امام، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جو وزيراعظم ر??جا فاروق حيدر ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير قانونساز اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ ملاقات ۾ موجود هئا.