اسلام آباد – 30 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم جي پگهار ۾ اضافي جي حوالي سان هٿ ٺوڪيون خبرون هلايون ويون، وزيراعظم حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ سڀ کان اڳ پنهنجي ذات کان شروع ڪئي، وزيراعظم ٻاهرئين دورن جي ل??ءِ پرائيويٽ فلائيٽ بدران عام ڪمرشل فلائيٽ کي ??رجيح ڏني، اڪرام سهگل ماضي ۾ به پاڪستاني وزيراعظمن جي ل??ءِ تقريبن جو اهتمام ڪيو، 2020ع جو سال ميڊيا جي صنعت جي ل??ءِ ترقي، خوشحالي ۽ نئين دور جي شروعات هوندو، حڪومت جرنلسٽ پروٽيڪشن بل آڻي رهي آهي، ا??ٽيٽ بئنڪ ايڪسپورٽ فنڊ اڍائي ارب مان وڌائي 5 ارب ڪري ڇڏيو، پنجاب حڪومت نواز شريف جي رپورٽ کي ??د ڪري ڇڏيو آهي، 6 فيبروري تائين خواجه حارث کي نئين رپورٽ جي هدايت ڪئي آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته گذريل ڪابينا ميٽنگ کانپوءِ صحافين ۾ پلانٽيڊ بيانيو اٿاريو ويو.