ڊيووس – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪري ره??و آهي، افغانستان ۾ امن سان وچ ايشيائي رياستن تائين رسائي ممڪن هوندي، سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرائڻ لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪ??و آهي، حڪ??مت معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ سڌي سنئين سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حڪ??ت عملي تي عمل پيرا آهي، اسان ڪرنسي کي مستحڪم ڪيو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 75 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي، غير ملڪي سيڙپڪارن کي پرڪشش مراعتون ڏني??ن پيون وڃن، پاڪستان جي سرزمين ڪيترين ئي قديم تهذيبن جو ڳڙهه آهي، سياحت کي فروغ ڏئي ملڪي معيشت کي ترقي ڏئي سگهجي ٿي، پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ 70 هزار جانين جو نذرانو پيش ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي پاڪستان اسٽريٽجي ڊائلاگ کي خطاب ڪندي ڪيو.