اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ 19 سالن کانپوءِ اٺين متفقه ويج بورڊ جو ا??لان ڪري ڇڏيو آهي، صحافتي ادارن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 17500، ايڊيٽر، اسپيشل گريڊ، ميٽرو پوليٽن، ريجنل ڪيٽيگريز جي پگهارن ۾ 300 سيڪڙو ??ائين اضافو مقرر ڪيو ويو آهي، ??زيراعظم عمران خان جي ويزن حق حقدار تائين پهچائن جو واعدو پورو ڪيو ويو آهي، اٺين متفقه ويج بورڊ ايوارڊ تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اهڙو ??علان اطلاعات ۽ نشريات بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ ويج بورڊ جي چيئرمين (ر) حسنات احمد خان، ويج بورڊ جي ميمبرن محمد نواز رضا، ناصر چشتي، خانزاده شهزاده ذوالفقار، شعيب الدين، بخت رضا يوسفزئي، صحافتي تنظيمن جي عهديدارن سان گڏ ڪيو.