باڪو – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پائيدار ترقي ۽ استحڪام امن ۽ سلامتي لاءِ ضروري آهن، ڀارتي قدم ڪش??يرين جي خودمختياري واري حق تي سڌو ??نئ??ن حملو آهي، ڪش??ير مسئلو پرامن ۽ منصفاڻو حل وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان افغانستان مسئلي جي پرامن ۽ سياسي حل لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان پائيدار عالمي امن لاءِ پنهن??و ڪردار ادا ڪندو رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي غير وابسته تحريڪ جي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.