اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي)پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ب??ائ?? لاءِ جمهوري پارٽي طور اسان جي ذميواري رهي آهي ته آئين ۽ پارليامينٽ سان گڏوگڏ سمورين صوبائي وحدتن کي به مضبوط ڪيو وڃي ا?? حوالي سان پارليامينٽ آئيني ترميمون به ڪيو. صدارتي چونڊن لاءِ ڪالهه پارليامينٽ جي گڏيل ??جلاس ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پنهنجي گذريل ??دارت واري دور ۾ پارليامينٽ ک?? ادارن جي بهتري لاءِ تجويزون ڏنيون ته پارليامينٽ لبيڪ چيو ۽ پوءِ اهي ترميمون ڪيون ويون جيڪي هن ملڪ لاءِ ضروري هيون.