اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان ۽ پا??ست??ن ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان جي وچ ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پا??ست??ن ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ميڊيا تعاون ۽ عوامي سطح تي رابطن کي فروغ ڏيڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي ڌرين گڏيل تاريخي بيانيي ۽ ثقافتي قدرن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ب??تر حصيداري تي ڌيان ڏنو جيڪا افهام ۽ تفهيم کي سگهه ڏي ٿي. اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان چيو ته پا??ست??ن ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ پراڻا سفارتي ۽ ثقافتي لاڳاپا موجود آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي مختلف شعبن ۾ تعاون جي گڏيل تاريخ آهي. هن پا??ست??ن ٽيليويزن ڪارپوريشن، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پا??ست??ن ۽ ريڊيو پا??ست??ن سميت رياستي ميڊيا ادارن جي پنهنجي بنگلاديشي هم منصب ادارن سان گڏيل پروڊڪشن ۽ خبرن جي مٽاس??ا جي شعبن ۾ حصيداري تي زور ڏنو. هن ان ڳالهه کي اجاگر ڪيو ته صحافين جي مٽاس??ا جو پروگرام پا??ست??ن ۽ بنگلاديش جي ميڊيا پرسنز کي مختلف معاملن تي هڪ ٻئي جي موقف ۽ بيانيي بابت بهتر طور تي ڄاڻڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهي ٿو. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر اقبال حسين خان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي حوصلا افزائي جي لاءِ پا??ست??ن حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. هن ٻنهي ملڪن جي عوام کي ڀاءُ قرار ڏيندي چيو ته گڏيل تعاون جي پروگرامن جي ذريعي انهن جو رابطو ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندو. ٻنهي ڌرين بنگلاديشي ڪيبل نيٽ ورڪس تي پا??ست??ني خبرن ۽ تفريحي چينلز جي دستيابي کي وڌائڻ ۽ فلم فيسٽيول ۽ فوٽوگرافي جون نمائشون منعقد ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.