اسلام آباد-03 ڊسمبر (اي پي پي) مو??ميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مو??م خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته گلگت بلتستان ۾ جزوي جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي گجگوڙ سان هلڪي برسات ۽ جبلن تي هلڪي برفباري جو امڪان آهي، پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ هلڪو ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. مو??ميات کاتي مطابق اڄ اربع ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ مو??م خشڪ ۽ ٿڌي جڏهن ته اترئ??ن علائقن ۾ شديد ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي. پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۽ اپر سنڌ ۾ صبح / رات جي وقت ۾ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران مٿانهين خيبر پختونخوا، پنجاب، اپر سنڌ ۽ اتر اوڀر بلوچستان ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جڏهن ته جبلن تي برفباري ٿي. ملڪ جي ٻ??ن علائقن ۾ مو??م ٿڌي ۽ خشڪ رهي. اڱاري ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 08، گوپس، هنزه ۾ ڪاٽو 03، اسڪردو ۾ ڪاٽو 02 ۽ ڪالام ۾ ڪاٽو 01 ڊگري س??نٽ?? گ??يڊ رڪارڊ ڪيو ويو.