اسلام آباد -26 نومبر (اي پي پي) صدرمملڪت آصف علي زرداري اسلام آباد ۾ مظاهرين ۽ سيڪيورٽي ا??لڪ??رن وچ ۾ چڪرين جي نتيجي ۾ قيمتي حياتين جي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آه??. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پوليس ۽ رينجرز تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيد ٿيل سيڪيورٽي ا??لڪ??رن جي خاندانن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. صدر مملڪت شهيد ا??لڪ??رن جي بلند درجن ۽ پونئرن جي صبر لاءِ دعا پڻ ڪئي.