رياض – 11 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف غزه ۾ عيرمشروط جن??بندي، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد ۽ اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي تي فوري پابندي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته جن??ي ڏوهن تي اسرائيل جو گهيراءُ ڪي?? وڃي، ان جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جامع نظرثاني جي گهرجائو آهي، ??عص??م فلسطينين کي بنا دير امداد جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي، پا??ست??ن فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿارين??و رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عرب – اسلامڪ غيرمعمولي سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن ۾ غزه ۽ فلسطين سميت وچ اوڀر جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي شروعات قرآن پاڪ جي آيت مبارڪه سان ڪئي. هن خادم حرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز السعود ۽ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان کي عرب – اسلامڪ غيرمعمولي سربراهه اجلاس منعقد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته گذريل هڪ سال کان غزه ۽ والاريل فلسطين ۾ بک، افلاس ۽ ڏڪار درپيش آهي، غزه تي اسرائيل جارحيت جون سموريون حدون پار ڪري چڪو آهي، هزارين ماڻهو شهيد جڏهن ته لکين بي گهر ٿي چڪا آهن، اسپتالن کي زخمين سميت اڏايو پي?? وڃي، فلسطينين جي خلاف تازي ڏاڍ کي ميڊيا ۽ انصاف جي عالمي عدالت نسل ڪشيءَ قرار ڏئي چڪا آهن، ان صورتحال تي عالمي برادري ڪيستائين اکيون بند رکندي. وزيراعظم چيو ته هر گذرندڙ ڏينهن سان اسرائيل جي هٿان عالمي قانونن ۽ قدرن جون پائماليون جاري آهن، انسني بنيادن تي تسلسل سان جن??بندي ۽ انساني ريليف جي فراهمي ۽ تحفظ جا مطالبا ڪيا پيا وڃن جڏهن ته غزه ۾ رهواسين سميت گهرن کي اڏايو پي?? وڃي، ان صورتحال جي باوجود اسرائيل کي جديد ترين هٿيارن جي فراهمي جاري آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان جي غيرمشروط حمايت ۽ تحفظ جاري آهي، عالمي انساني قانون به مظلومن جي خلاف اهڙن قدمن جي اجازت نه ٿا ڏين. وزيراعظم چيو ته غزه رت سان رڱيل آهي ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي. وزيراعظم فلسطين جي خودمختياري جي حق جي پا??ست??ن جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته پا??ست??ن هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي حمايت جاري رکندو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي ۽ جنهن جون سرحدون 1967ع کان اڳ واريون هجن، اهو ئي مقدس سرزمين ۾ پائيدار امن ۽ انصاف جي ضمانت آهي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن ايران تي تازي اسرائيلي حملن جي مذمت ڪري ٿو جيڪي ان جي سالميت ۽ علائقائي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي، پا??ست??ن لبنان ۾ اسرائيلي فوجي جارحيت جي پڻ مذمت ۽ اتان جي ??عص??م ماڻهن سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته غزه ۾ فوري جن??بندي وقت جي ضرورت آهي، اسرائيل امداد جي بندش کي بطور هٿيار استعمال ڪري رهيو آهي، ??عص??م فلسطنين بنا دير خوراڪ، دوائن جي فراهمي يقيني بڻائڻي پوندي. وزيراعظم چيو ته پا??ست??ن فلسطيني عوام جي حقن جي لاءِ آواز اٿارين??و رهندو، آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جو قيام ضروري آهي، اسرائيل جي توسيع پسنداڻي ارادن سان امن کي خطرا آهن، اسرائيل کي هٿيارن جي فراهمي تي فوري پابندي هنئي وڃي، جن??ي ڏوهن تي اسرائيل کي ڪٽهڙي ۾ آند?? وڃي، غزه بابت انصاف جي عالمي عدالت پڻ فيصلو ڏئي چڪي آهي، انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد يقيني بڻاي?? وڃي، اسرائيل جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ تي جامع نظرثاني ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان کي مذمت کان اڳتي وڌي ڪانفرنس ۾ اٿندڙ آوازن کي عملي شڪل ڏيڻي پوندي، دعاڳو آهيون ته فلسطينين جي آزادي جو سج جلد اڀرندو.