اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب سان اي پ?? ايم ٽرمينلز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر س?? اي او ڪيٿ سوينڊسن ڪالهه هتي ناڻي واري ڊويزن ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۾ ڊئنمارڪ جي سفير جيڪب لينولف، ڊئنمارڪ ۾ پ??ڪس??ان جي سفير شعيب سرور سميت اعليٰ عملدار به موجود هئا. ملاقات ۾ پ??ڪس??ان ۽ ڊئنمارڪ وچ ۾ ٻه طرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ جٽادار اقتصادي اؤسر کي تيز ڪرڻ لاءِ گذريل مهيني هڪ مفاهمت جي يادداشت (ايم او يو) تي صحيح کانپوءِ ٿيل اڳڀرائي تي توجهه ڏني وئي. سبز ۽ پائيدار پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ (پي پي پي) سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب اي پ?? ايم ٽرمينلز جو پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاريءَ جي عزم جي آجيان ڪئي ۽ گروپ کي سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پ??ڪس??ان ۾ سيڙپڪاري لاءِ س??زگ??ر ماحول فراهم ڪرڻ م مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي. ڪيٿ سوينڊسن، ناڻي واري وزير ک?? اي پ?? ايم ٽرمينلز جي بزنس پورٽ فوليو ۽ پ??ڪس??ان ۾ پورٽ انفراسٽرڪچر جي تعمير جي رٿائن جي باري ۾ ٻُڌايو ته جيئن روينيو ۾ واڌ ۽ علائقائي واپار ۽ رابطن ۾ بهتري اچي.