اسلام آباد -10 نومبر (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز کٽڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو آهي، ته قوم لاءِ هي انتهائي خوشي جو موقعو آهي. وزيراعظم آف??س جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي مطابق وزيراعظم چيو آهي، ته پاڪستان جي بالرز ۽ بيٽسمينز آسٽريليا خلاف بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. 22 سالن کان پوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سير??ز ۾ سندن ئي ملڪ ۾ سرخرو ٿي آهي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم تي فخر آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن سير??ز ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي سمورن رانديگرن ۽ مينجمينٽ جي محنت شامل آهي ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ان ڪاميابي جي پوري ريت حقدار آهي.