اسلام ??باد – 07 – ??وم??ر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف 12 کان 13 ??وم??ر جمهوريه آذر??ائ??جان جي گادي واري شهر باڪو ۾ ڪوپ 29 جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. هفتيوار پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کانسواءِ ڪابينا جا ٻيا ميمبر ۽ لاڳاپيل عملدار وزيراعظم سان گڏ ??وندا. ترجمان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪوپ 29 جي موقعي تي عالمي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. هن چيو ته باڪو ۾ ڪوپ 29 جو انعقاد هڪ اهڙي وقت ۾ ٿي رهيو آهي جڏهن دنيا ۾ موسمياتي تبديلي سان ڪروڙين ماڻهو متاثر ٿي رهيا آهن.