اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??ائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اپيا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس (سي ايڇ او جي ايم) جي موقعي تي جمهوريه گانا جي پرڏيهي معاملن ۽ علا??قا??ي يڪجهتي واري وزير شرلي ايور ڪربوٽچوي سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ گهانا جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي بلندي جي رفتار ک?? نظر ۾ رکندي ??ائ?? وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير ايور ڪربوٽوچي گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ عالمي سطح تي تعاون تي ٻڌل دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ع??م جو اظهار ڪيو. هن مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليم ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ??ائ?? وزيراعظم گهانا کي اسلام آباد ۾ هڪ ريزيڊنٽ مشن کولڻ جي اڇ ڪئي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي وڌيڪ سگهه ملي. هن ??ائ?? وزيراعظم کي 26 – 2025ع جي مدي لاءِ پاڪستان کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني.