لاهور-25 آڪٽوبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ ??ريم نواز سان بيلجيئم جي سفير چارلس ايڊ سبالڊوان ڊرگراچٽ ڊي رومرز وائل ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻه ??رف?? گڏيل سهڪار کي هٿي ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي بيلجيئم جي سفير پنجاب جي وزيراعليٰ سان عوام دوست پاليسين جي تعريف ۽ معاشي ويزن کي ساراهيو. ملاقات دوران ڳاله??ئي??دي مريم نواز چيو ته نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ عالمي معيار جي مهارتن جي ٽريننگ ڏني پئي وڃي. پنجاب ۾ زرعي شعبي جي طريقي تي خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي. هن چيو ته پاڪ- بيلجيئم ٻه ??رف?? لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا، ٻئي ملڪ پنهنجي لاڳاپن کي نين بلندين ت??ئي?? پهچ??ئي??دا، تعليم، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبي ۾ بيلجيئم سان سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. سفير چيو ته بيلجيئم پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن تي ڪنٽرول ۽ـ ماحول جي بهتريءَ لاءِ پنجاب حڪومت ??ا قدم تعريف لائق آهن جنهن سان صوبي ۾ ڏور رس نتيجا حاصل ٿيندا.