اسلام آباد – 17 – آڪٽوبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪ جي حيثيت سان پاڪستان تنظيم جي ٻين ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد تحت تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ سچي دل سان ڪم ڪندو رهندو. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زي??اعظم محمد شهباز شريف سان شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل زانگ منگ ??زي??اعظم هائوس اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. زانگ منگ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن (سي ايڇ جي) جي ا??لا?? ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد آيل هو. شنگهائي تعاون تنظيم جي سيڪريٽري جنرل جي جولاءِ 2022ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ذڪر ڪندي ??زي??اعظم اسلام آباد ۾ سندس آجيان ڪئي ۽ شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ا??لا?? جي انعقاد ۾ شنگهائي تعاون تنظيم سيڪريٽريٽ پاران پاڪستان کي فراهم ڪيل تعاون تي سندس ٿورا مڃيا. شنگهائي تعاون تنظيم جي چارٽر تي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي ??زي??اعظم سيڪريٽري جنرل کي خاطري ڪرائي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان ميمبر ملڪن ۽ خطي جي وسيع تر مفاد جي لاءِ تنظيم جي ترقياتي ترجيحن جي فروغ جي لاءِ دل سان ڪم ڪندو رهندو. هن ??ڌيڪ چيو ته پاڪستان ايس سي او ميمبر ملڪن سان گڏ ??نظيم کي وڌيڪ موثر ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو رهندو. ??زي??اعظم ايس سي او ??ي عهدو ڇڏيندڙ سيڪريٽري جنرل جي حيثيت سان زانگ منگ جي محنت ۽ شاندار خدمتن تي سندس ٿورا مڃيا ۽ سندس مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. زانگ منگ ??زي??اعظم کي شنگهائي تعاون تنظيم ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ ا??لا?? جي ڪامياب انعقاد ۽ ان جي مثبت نتيجن تي مبارڪباد ڏني. هن ايس سي او ??ي سڀني شعبن ۾ پاڪستان جي تعميري حصيداري کي ساراهيو ۽ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ چيئر طور پاڪستان جي قائداڻي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو.