راولپنڊي-15 آڪٽوبر (اي پي پي) اٽلي بحريه جا ايئرڪرافٽ ڪيريئر ڪاوور ۽ فريگيٽ الپينو پاڪستان جي دؤري تي پهچي ويا. ڪراچ?? بندرگاهه ت?? ا??ندڙ اهو اٽلي جو پهريون ايئرڪرافٽ ڪيريئر آهي. آءِ ايس پي آر موجب جهاز جي ڪراچي پهچڻ تي پاڪ بحريه جي اعليٰ عملدارن ۽ اٽلي جي سفير جهاز?? جو استقبال ڪيو. اٽلي جي جهاز سان گڏ اٽلي نيوي جا اعليٰ عملدار ۽ دفاعي صنعت جي وفد به ڪراچيءَ جو دؤرو ڪيو. ڪمانڊر ڪراچي وائيس ايڊمرل فيصل عباس?? ا??ل?? ا??ئرڪرافٽ ڪيريئر جو دؤرو ڪيو. اٽلي جي سفير ۽ بحريه جي اعليٰ عملدارن ڪمانڊر پاڪستان فليٽ سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن ۽ مستقبل ۾ بحري ڀائيواري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري دوران پاڪستان بحريه ۽ اٽل?? ا??ئرڪرافٽ ڪيريئر اسٽرائيڪ گروپ خاص طور تي جديد F-35 Lightning II ويڙهاڪ جهاز مختلف مشقون به ڪندا. اٽلي جي سفير جو چوڻ هو ته پاڪ بحريه خطي ج?? ا??م بحري قوت آه?? ۽ ??اڪ- اٽلي معاشي ۽ دفاعي سهڪار جا روشن امڪان آهن.