اسلام آباد- 08 آڪٽوبر (اي پي پي) توانائي واري وفاقي وزير سردار اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته آءِ پي پيز جي مسئلي کي خوش اسلوبيءَ سان حل ڪيو ويندو، توانائي جي شعبي ۾ ??ڌا??ا آڻٽر ??هن، مستقبل جي توانائيءَ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ بهتر منصوبا بندي ڪري رهيا آهيون. گذريل ڏينهن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته توانائيءَ جو شعبو معيشت جي ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، ان لاءِ ان ڳالهه کي نظر ۾ رکندي توانائيءَ جي شعبي ۾ ??ڌا??ا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بجلي ورڇيندڙ ڪمپنين ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائي پئي وڃي. بجلي جي ورڇ ۽ پهچ جي نظام کي وقت جي ضرورت سمجهندي جديد رُخن تي آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته ايندڙ ٻن سالن ۾ 17 هزار ميگاواٽ بجلي سسٽم ۾ شامل ٿيندي. لائن لاسز ۾ گهٽتائي ۽ ريڪوريز ۾ بهتريءَ ??اءِ وڌيڪ فعال حڪ??ت عملي اپنائڻ جي ضرورت آهي. حڪ??مت ان حوالي سان به ??ڌا??ا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته بجلي جي قيمتن ۾ اضافي جي بنيادي سببن ۾ بهتر منصوبا بنديءَ جو فقدان، گردشي قرضن جو بار ۽ صارفين تي بلند وياج جي شرح آهي.