اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي ۾ فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، پاڪستان ۽ ملائيشيا معدنيات، خوراڪ، زراعت، توانائي ۽ آءِ ٽي سميت ٻين شعبن ۾ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي ??گهن ٿا. پي ٽي وي کي هڪ انٽرويو ڏيندي هن چيو ته پاڪستان ۾ ترقي جي حوالي سان بي پناهه موقعا آ??ن، 70ع جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي تعليم، تحقيق ۽ سائنس جي ش??بي ۾ صلاحيتون غيرمعمولي هيون، اسان پاڪستان کي معاشي صلاحيت ۽ تعليمي ش??بي ۾ رول ماڊل جي طور تي ڏسندا آ??ا آ??يون. هن چيو ته علامه اقبال جو تمام گهڻو مداح آهيان، قائداعظم محمد علي جناح مدبر اڳواڻ هو، پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ معدنيات، خوراڪ، زراعت ۽ توانائي جي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻي ??گهن ٿا، بدعنواني کان پاڪ ۽ سازگار ماحول سان ڪاروبار کي فروغ ملي ٿو. هن چيو ته ملائيشيا آءِ ٽي، ڊيجيٽل ۽ سيمي ڪنڊڪٽرز ۾ خطي ۾ سڀ کان اڳتي آهي. هن چيو ته گڏيل قو??ن جي جنرل اسيمبلي ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف فلسطينين جي حق ۾ ڀرپور آواز اٿاريو، سندس ٺوس موقف کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير سميت جتي به انساني حقن جي پائمالي ٿئي ٿي ان جي مذمت ڪريون ٿا، دنيا کي اقليتن کي انهن جي حقن جي فراهمي يقيني بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته آسيان دنيا جو پرامن خطو آهي، آسيان جو ڊائيلاگ پارٽنر بڻجڻ جي لاءِ ملائيشيا پاڪستان جي حمايت ڪندو. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪم جو جذبو رکي ٿو، اسان گڏجي پنهنجي عوام جي گڏيل مفاد ۾ هڪ ٻئي کان فائدو کڻي ??گهون ٿا، ملائيشيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آ??ن، پاڪستاني پروفيشنلز جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.