لنڊن-29 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مولانا فضل ال??حمان کي جميعت علماءِ اسلام (ف) جو بنا مقابلي ۽ گڏيل طور تي صدر چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني آهي. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق وزيراعظم ????و ته مولانا فضل ال??حمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) هميشه عوام جي بهترين نمائندگي ڪندي آئي آهي، مولانا فضل ال??حمان جي، جي يو آءِ (ف) جي صدر جي حيثيت سان چونڊ سان جمهوري قدرن کي هٿي ملندي. وزيراعظم ????و ته ملڪ ۾ پارليامينٽ جي بالادستي جي قيام ۾ مولانا فضل ال??حمان جو انتهائي اهم ڪردار آهي، اسان کي اميد آهي ته مولانا فضل ال??حمان جي سربراهي ۾ جي يو آءِ (ف) ملڪ ۾ جمهوريت جي بالادستي ۽ هٿي وٺائڻ لاءِ بهترين ڪم ڪندي. وزيراعظم ????و ته مولانا فضل ال??حمان جي قيادت ۽ ويزن هيٺ جي يو آءِ (ف) کي وڌيڪ بلندين طرف وٺي ويندي. وزيراعظم، مولانا عبدالغفور حيدري کي به جي يو آءِ (ف) جو جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪ ڏني.