نيويارڪ – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گ??يل تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، وزيراعظم ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو، وزيراعظم ۽ ترڪ صدر علائقائي ۽ عالمي معاملن خ??ص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف گڏيل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان نيويارڪ ۾ گ??يل قومن ??ي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي واپار، سيڙپڪاري، دفاع ۽ سلامتي جي شعبن ۾ گ??يل طور تي مفيد تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن ويجهي مستقبل ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پاڪستان – ترڪيه اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي ستين اجلاس جي تيارين جو جائزو پڻ ورتو. ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي معاملن خ??ص طور تي غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ ۽ سنگين انساني صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن غزه ۾ فوري طور تي انساني بنيادن تي جنگبندي ۽ ڇڪتاڻ جي خاتمي جو مطالبو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز ش??يف غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام جي لاءِ ترڪيه جي مضبوط ۽ مستقل حمايت کي ساراهيو. ملاقات دوران صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي معاشي پاليسين کي ساراهيو جن سان پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام آيو آهي. ترڪ صدر وزيراعظم جي قيادت ۽ اقتصادي سڌارن جي عزم کي ساراهيو. وڌيڪ اهو ته صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم محمد شهباز ش??يف کي سالگرهه جي مبارڪباد پڻ ڏني.