اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اخبارن جمهوريت کي فروغ ڏيڻ، اسان جي آئيني قدرن جي تحفظ ۽ شفافيت جي حمايت جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو مسلسل مظاهرو ڪيو آهي، سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ جتي ??لط معلومات پکڙيل آهي اتي اخبارون تصديق ٿيل معلومات تائين اسان جي پهچ کي يقيني بڻائيندي چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون شايع ڪن ٿيون. نيشنل نيوز پيپر ريڊر شپ ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته اخبارن جي هن قومي ??ينهن تي اسان اخبارن جي لازمي حصيداري کي پنهنجي جمهوريت جي سنگ بنياد جي طور تي تسليم ڪريون ٿا ۽ ملهايون ٿا، پوري تاريخ ۾ پريس جي ذريعي تيار ڪيل بيانيي عوامي ??الهه ٻولهه جي جوڙجڪ ۾ هڪ تبديلي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، فڪري ۽ نظرياتي بيداري جي دور ۾ اخبارن تبديلي جو ڪردار ادا ڪيو آهي، عوام کي قابل اعتماد معلومات فراهم ڪري جذبي ۽ بيداري کي فروغ ڏنو آهي. هن چ??و ته اسان جي پنهنجي سفر جي عڪاسي ڪندي پاڪستان تحريڪ آزادي جي اهم لمحن دوران اخبارون اسان جي قوم جي بانين جو طاقتور آواز بڻجي ويون جنهن پوري ڏکڻ ايشيا ۾ مسلمان ڪميونٽي کي متحد ڪيو، ان کانپوءِ جي سالن ۾ انهن اهم اشاعتن جمهوريت کي فروغ ڏيڻ، اسان جي آئيني قدرن جي تحفظ ۽ شفافيت جي حمايت جي لاءِ پنهنجي وابستگي جو مسلسل مظاهرو ڪيو آهي. هن چ??و ته هن دور ۾ جتي ??لط معلومات پکڙيل آهي، اخبارون تصديق ٿيل معلومات تائين اسان جي پهچ کي يقيني بڻائيندي چڱي طرح سان تحقيق ٿيل ۽ حقيقتن تي ٻڌل خبرون پيش ڪن ٿيون. وزيراعظم چيو ته سوشل ميڊيا ۽ آن لائين پليٽ فارمز جي وڌڻ سان پرنٽ ميڊيا جي اهميت گهٽ ناهي ٿي، موجوده دنيا ۾ پرنٽ ميڊيا جي مطابقت اڃا وڌيڪ نمايان ٿي وئي آهي، جتي سوشل ميڊيا اسان جي معلومات تائين پهچ جي طري??ي ۾ انقلاب برپا ڪيو آهي اتي ان جعلي خبرن ۽ ??لط معلومات جي شڪل ۾ چئلينجز پڻ پيدا ڪيا آهن، اخبارون پنهنجي قائم ڪيل ادارتي معيارن ۽ حقيقتن جي جانچ جي سخت عمل سان ڊيجيٽل گوڙ ۽ الجهن جي وقت معلومات جي قابل اعتماد ذريعي جي طور تي ڪم ڪنديون رهن ٿيون، اهي جوابدهي جي سطح فراهم ڪن ٿيون جيڪا اڪثر آن لائين جاين تي غائب رهي ٿي، ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندي ته سچائي سان ٺاهه نه ڪيو وڃي. هن چ??و ته هڪ باخبر معاشري جي طاقت کي گهٽ نه ٿو ڪري سگهجي، باخبر شهرين جي ذريعي ئي اسان هڪ مضبوط ۽ وڌيڪ لچڪدار پاڪستان ٺاهي سگهون ٿا، آئون هر ماڻهو جي حوصلا افزائي ڪريان ٿو ته اهي اخبار پڙهڻ جي عادت کي اختيار ڪن، ڇو ته اهو جعلي خبرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ ذميوار شهريت جي ڪلچر کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ اهم آهي. هن چ??و ته اچو اسان گڏجي پنهنجي روزاني جي زندگي ۾ اخبارن جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪريون ۽ ان انمول اداري جي مدد ڪريون ته جيئن اهو ديانتداري ۽ لگن سان اسان جي قوم جي خدمت جاري رکي سگهي.