اسلام آباد-27 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو ته ملڪي معيشت استحڪام سان اؤسر طرف گامزن آهي، اهم اقتصادي اهڃاڻ مثبت رُخ ۾ اڳيان وڌي رهيا آهن، واپاري ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي جڏهن ته ملڪي روانگي واپار ۽ پرڏيهه مان آيل ناڻي ۾ نمايان واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي، سيپٽمبر ۽ آڪٽوبر ۾ مهانگائي جي شرح 8 کان 9 سي??ڙو وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ناڻي وزارت طرفان جاري ڪيل ماهوار اقتصادي اپ ڊيٽ ۾ ٻُڌائي وئي آهي. ناڻي وزارت مطابق وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ آهستي آهستي واڌ ٿي رهي آهي، اهم ??يڪ??پورٽ شعبي پيداوار ۾ واڌ لاءِ تيار آهيون جنهن جو بنيادي ڪارڻ مستحڪم ??يڪ??چينج ريٽ، ناڻي اؤسر جي دٻاءُ ۾ گهٽتائي ۽ ڪاروبار دوست ماحول جي فراهمي آهي، مانيٽرنگ پاليسي ۾ نرمي سبب سي??پڪارن جو اعتماد بحال ٿي رهيو آهي، عالمي معيشت جي استحڪام سان جٽادار صنعتي ترقيءَ جو عمل وڌيڪ بهتر ٿيندو. ناڻي وزارت چيو ته خريف 2024ع جي فصلن جو ڀاڙڻ موسمياتي عملن تي آهي. سيپٽمبر ۾ ملڪي روانگي واپار 2.5 ارب ڊالر کان وٺي 3 ارب ڊالر ۽ ??يڪ??پورٽ 4.5 ارب ڊالرن کان وٺي 5 ارب ڊالرن تائين رهڻ جو امڪان آهي، اهڙيءَ طرح پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 2.7 ارب ڊالر کان وٺي 3.2 ارب ڊالرن وچ ۾ رهندو. ناڻي وزارت طرفان جاري اقتصادي اپ ڊيٽ موجب جاري مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي ۾ 44 سي??ڙو جي واڌ ٿي، مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ پرڏيهه مان اُماڻيل ناڻي جو ڳاڻيٽو 5.93 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.124 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار جو ڳاڻيٽو 4.862 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 4.536 ارب ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 7.2 سي??ڙو وڌيڪ آهي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ??يڪ??پورٽ جو ڳاڻيٽو 9.53 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 8.37 ارب ڊالر هو. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتن جي خسارو 171 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذڙيل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 893 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 80.9 سي??ڙو گهٽ آهي. مجموعي پرڏيهي سي??پڪاري جو ڳاڻيٽو 350.3 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 225.2 ملين ڊالرن يج ڀيٽ ۾ 55.5 سي??ڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن جو توازن 75 ملين ڊالر فاضل رڪارڊ ڪيو ويو. مجموعي پرڏيهي سي??پڪاري جو ڳاڻيٽو 453.2 ملين ڊالر رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 252 ملين ڊالرن جي ڀيٽ ۾ 79.9 کان وڌيڪ آهي. انگن اکرن مطابق 20 سيپٽمبر 2023ع تي پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 13.079 رڪارڊ ڪيو ويو هو جيڪو 20 سيپٽمبر 24ع تي 14.873 ارب ڊالر هو. گذريل سال 30 سيپٽمبر تي ??يڪ??چيج ريٽ 293.89 رپيا هو جيڪو هلندڙ سال 20 سيپٽمبر تي 277.84 رپيا رهيو. جولاءِ ۾ ايف بي آر جي اوڳاڙين جو ڳاڻيٽو 1.456 کرب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ساڳئي مُدي جي 1.207 کرب رپين جي ڀيٽ ۾ 20.6 سي??ڙو وڌيڪ آهي. مالي خساري جو ڳاڻيٽو جولاءِ ۾ 387.8 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 225.3 ارب رپيا هو. پرائمري بيلنس جو ڳاڻيٽ?? 107.1 ارب رپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال جولاءِ ۾ 311.2 ارب رپيا هو. پرائمري خساري ۾ 65.6 سي??ڙو جي گهٽتائ?? رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت موجب 12 سيپٽمبر تي پاليسي ريٽ 17.5 سي??ڙو جي سطح ت?? رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 22 سي??ڙو جي سطح تي هو. آگسٽ ۾ صارفين لاءِ قيمتن جو اهڃاڻ 9.6 سي??ڙو جي سطح ت?? رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال آگسٽ ۾ 27.4 سي??ڙو هئي. مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ صارفين لاءِ قيمتن جا اهڃان 10.4 سي??ڙو جي سطح ت?? رڪارڊ ڪيا ويا جيڪي مالي سال جي ساڳئي مُدي ۾ 27.8 سي??ڙو جي سطح تي هئا. جولاءِ دوران وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ 2.4 سي??ڙو جي اؤسر جي شرح سان ٿي. گذريل سال جولاءِ ۾ اها شرح ڪاٽو 5.4 سي??ڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ناڻي وزارت موجب 26 سيپٽمبر تي پاڪستان اسٽاڪ ??يڪ??چينج جو انڊيڪس 81658 پوائنٽس جي بلند سطح ت?? رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل سال 45889 پوائنٽس رڪارڊ ڪيو ويو. 26 سيپٽمبر تي مارڪيٽ ڪيپيٽلائزيشن جو ڳاڻيٽو 38.56 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال 23.23 ارب ڊالر هو. نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ 66 سي??ڙو جي اؤسر ڏسڻ ۾ آئي آهي.