اسلام آباد -24 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي، ته بيلا روس سان واپاري ??اڻيٽو وڌائڻ لاءِ نين منڊين جي ڳولها ضر??ري آهي، خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بيلا روس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ سهڪار جا وسيع موقعا آهن، بيلا روس سان تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. انهن خيالن جو اظهار هن پاڪ 8211; بيلا روس جوائنٽ منسٽريل ڪميشن جي ستين اجلاس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس کان پهرين وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اڪنامڪ افيئرز ڊويزن واري وفاقي وزير احد خان بيلا روس جي وفد جي آجيان ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪ 8211; بيلا روس گڏيل وزارتي ڪميشن ٻه طرفي سهڪار جو اهم پليٽ فارم آهي، پاڪستان ۽ بيلا روس جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن، هن چيو ته پاڪستان جا بيلا روس سان مضبوط واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا قائم ٿي رهيا آهن. گذريل مالي سال ۾ پاڪ 8211; بيلا روس واپاري ??اڻيٽو 34.88 ملين ڊالر هو. وفاقي وزير چيو ته پاڪ 8211; بيلا روس گڏيل ڪاروباري ??ائونسل جو ڇهون اجلاس جلد منعقد ٿيندو. هن سيڙپڪاري ??ي هٿي وٺرائڻ لاءِ بيلا روس جي سيڙپڪارن کي پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏيندي چيو ته خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بيلا روس جي سيڙپڪارن کي سهولتون فراهم ڪندي، زرعي مڪينائيزيشن جي شعبي ۾ بيلا روس جي مهارت پاڪستان لاءِ فائديمند هوندي. ڄام ڪمال خان وڌيڪ چيوته صنعتي شعبي ۾ پاڪستان ۽ بيلا روس وچ ۾ سهڪار جا وسيعا موقعا موجود آهن، موسمياتي تبديلي ۽ ماحوليات جي تحفظ ۾ گڏيل سهڪار جي ضر??رت آهي. پاڪ 8211; بيلا روس لاڳاپن ۾ عوامي سطح تي رابطا بنيادي حيثيت رکن ٿا. هن چيو ته بيلا روس سان تعليمي، سائنسي ۽ فني سهڪار کي هٿي وٺرائي ويندي. بيلا روس سان گڏيل صنعتي منصوبن ذريعي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويندا. وفاقي وزير بيلا روس سان زرعي مصنوعات جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضر??رت تي زور ڀريو ۽ چيو ته بيلا روس سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ذريعي صنعتي ترقي ڏانهن اڳڀرائي ڪئي ويندي. ڄام ڪمال خان چيو ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ بيلا روس سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش آهي. بيلا روس سان سياحت ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي ضر??رت آهي. ان موقعي تي بيلا روس جي توانائي واري وزير اليڪسي ڪوشنرينڪڪا به جوائنٽ منسٽريل ڪميشن کي خطاب ڪيو ۽ چيو ته هي اجلاس پاڪستان ۽ بيلا روس جي گڏيل لاڳاپن کي مستحڪم ڪندو، پاڪسان ۽ بيلا روس وچ ۾ ڊگهي وقت کان لاڳاپا قائم آهن ۽ بيلا روس پاڪستان کي پ??هن??و هڪ اهم واپاري شراڪتدار سمجهي ٿو. هن چيو ته هي اجلاس ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ڏيندو ۽ اسان جا معاهدا پ??هن??ا هدف حاصل ڪندا. هن چيو ته بيلا روس ڏکڻ ايشيا ۾ پاڪستان سان گڏ پ??هن??ي واپاري شراڪتداري ??ي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ پاڪستان سان گڏيل فائديمند شراڪتداري جو خواهشمند آهي. هن پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي صلاحيت تي يقين جو اظهار ڪندي چيو ته باقاعده سياسي ڳالهيون اسان جي ٻه طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ تمام ضر??ري آهن. اليڪسي ڪوشنرينڪڪا چيو ته بيلا روس پاڪستان جي توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ مدد ڪندو، اقتصادي خوشحالي لاءِ علائقائي رابطا تمام ضر??ري آهن، اسان پاڪستان ۾ نوجوانن جي قيادت هيٺ وڌيڪ منصوبن ۾ سهولتون فراهم ڪنداسين.