اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) روسي فيڊريشن جو نائب وزيراعظم اليڪسي او??رچڪ 18 ۽ 19 سيپٽمبر تي هڪ اعليٰ سطحي وفد جي قيادت ڪندي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرا??ي موجب پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري جي موقعي تي نائب وزيراعظم اليڪسي او??رچڪ صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ملاقا??ون ڪندو.